1 John 5:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جيڪو خدا مان پيدا ٿيو آهي، سو دنيا تي غالب ٿو پوي؛ ۽ اهو غلبو جنهن دنيا کي فتح ڪيو آهي، سو اسان جو ايمان آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا جو ٻار آھي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اھا سوڀ جنھن دنيا کي فتح ڪيو آھي سا آھي اسان جو ايمان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ ايشور جو ٻار بڻيو آهي، سو سنسار تي سوڀ حاصل ڪري ٿو. اها سوڀ جنهن اسان کي سنسار تي سوڀارو ڪيو آهي سا آهي اسان جو وشواس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ خدا جو ٻار بڻيو آهي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اها فتح جنهن اسان کي دنيا تي فاتح ڪيو آهي سا آهي اسان جو ايمان.