1 John 5:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هي اهو ئي آهي جو پاڻيءَ ۽ رت سان آيو، يعني يسوع مسيح. نہ رڳو پاڻيءَ سان، پر پاڻي ۽ رت ٻنهي سان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھي اھو ئي آھي جيڪو پاڻيءَ ۽ رت جي وسيلي آيو، يعني عيسيٰ مسيح. ھو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنھي جي وسيلي آيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو يسوع مسيح ئي آهي جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي ايشور جي پٽ طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پوِتر آتما جيڪا خود سچ آهي، سا اها شاهدي ڏئي ٿي،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو عيسيٰ مسيح ئي آهي جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي خدا جي فرزند طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پاڪ روح جيڪو خود سچ آهي، سو اها شاهدي ڏئي ٿو،