1 Kings 1:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هن چيس تہ اي منهنجا سائين، تو پنهنجي ٻانهيءَ سان خداوند پنهنجي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ چيو هوءِ تہ مون کان پوءِ تنهنجو پٽ سليمان ضرور بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي تخت تي ويهندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن کيس وراڻيو تہ ”قبلا سائين! توهان مون پنهنجي ٻانهيءَ سان خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم کڻي چيو هو تہ ’مون کان پوءِ تنهنجو پٽ سليمان ضرور بادشاهي ڪندو ۽ منهنجي تخت تي ويهندو.‘