1 Kings 10:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هوءَ هڪڙي تمام وڏي جماعت سان، ۽ مصالحن لڏيل اُٺن سان، ۽ تمام گهڻي سون، ۽ قيمتي جواهرن سان يروشلم ۾ آئي: ۽ جڏهن هوءَ سليمان وٽ آئي تڏهن جيڪي دل ۾ هوس تنهن بابت هن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هوءَ هڪڙي وڏي اٽالي سان يروشلم ۾ داخل ٿي. پاڻ سان مصالحن، تمام گھڻي سون ۽ قيمتي هيرن جواهرن سان اٺ لڏي کڻي آئي. هوءَ سليمان وٽ آئي ۽ جيڪي ڪجھہ سوچي آئي هئي، تنهن بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين.