1 Kings 11:20 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تحفنيس جي ڀيڻ هن کي جنوبت نالي پٽ ڄڻي ڏنو، جنهن کي تحفنيس فرعون جي گهر ۾ کير پياري وڏو ڪيو: ۽ جنوبت فرعون جي گهر ۾، فرعون جي پٽن سان گڏ رهندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تحفنيس جي ڀيڻ مان هدد کي جنُوبت نالي پٽ ڄائو جنهن جي پرورش شاهي محل ۾ ٿي. جنُوبت اتي فرعون جي پٽن سان گڏ رهندو هو.