1 Kings 11:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن يربعام کي چيو تہ هي ڏهہ ٽڪر وٺ: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ سليمان جي هٿان بادشاهي کسيندس، ۽ ڏهہ فرقا توکي ڏيندس:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هن يربعام کي چيو تہ ”هي ڏهہ ٽڪر تون وٺ، ڇاڪاڻ تہ خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’آءٌ سليمان کان بادشاهي کسڻ وارو آهيان ۽ ڏهہ قبيلا تو کي ڏيندس.