1 Kings 11:33 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ موآب جي معبود ڪموس، ۽ بني عمون جي معبود ملڪوم کي سجدو ڏنو آهي؛ ۽ هو منهنجن رستن تي نہ هليا آهن، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو نہ ڪيو اٿن، ۽ نہ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿن، جيئن هن جي پيءُ دائود ٿي ڪئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.