1 Kings 12:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين چڙهي نہ وڃجو، ۽ نہ پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل سان وڙهجو: سڀڪو ماڻهو موٽي پنهنجي گهر وڃي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي. تڏهن هنن خداوند جو حڪم مڃيو، ۽ خداوند جي ڪلام موجب موٽي پنهنجو رستو وٺي هليا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
” خداوند فرمائي ٿو تہ ’اوهين پنهنجن بني اسرائيل ڀائرن سان جنگ ڪرڻ نہ وڃجو. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي.‘“ تڏهن هنن خداوند جو حڪم مڃيو ۽ پنهنجي پنهنجي گھر موٽي ويا.