1 Kings 13:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ جهڙو تون نبي آهين اهڙو آءٌ بہ آهيان؛ ۽ خداوند جي حڪم پٺيان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو تہ هن کي پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر وڃ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي. پر هن اُنهيءَ کي ڪوڙ ڪري ائين چيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي ڪوڙ ڳالهائيندي کيس چيو تہ ”جهڙو خدا جو ٻانهو تون آهين تهڙو آءٌ بہ آهيان. خداوند جي حڪم سان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو آهي تہ ’هن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر وٺي اچ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي.‘“