1 Kings 13:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خداوند جي حڪم سان هو قربانگاهہ جي برخلاف وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اي قربانگاهہ، قربانگاهہ، خداوند هيئن ٿو فرمائي: ڏس، دائود جي گهراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو؛ ۽ اُهو تو تي انهن مٿانهين جاين جي ڪاهنن کي قرباني ڪندو، جي تو تي لوبان ٿا ساڙين؛ ۽ تو تي ماڻهن جا هڏا ساڙيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اُهو ماڻهو خدا جي حڪم سان قربان‌گاهہ خلاف وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”قربان‌گاهہ! اي قربان‌گاهہ! خداوند فرمائي ٿو تہ ’ڏس، دائود جي گھراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو. اُهو غير معبودن وارن پوڄا گھرن جي انهن مذهبي اڳواڻن کي تو تي قرباني ڪندو جيڪي اڄ تو تي قربانيون پيش ڪن ٿا. هائو، انساني هڏا تو تي ساڙيا ويندا.‘“