1 Kings 13:26 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن انهيءَ نبيءَ اها ڳالهہ ٻڌي، جنهن هن کي رستي تان موٽائي آندو هو، تڏهن هن چيو تہ اُهو خدا جو ٻانهو آهي، جنهن خداوند جي ڪلام جي نافرماني ڪئي هئي: تنهنڪري خداوند انهيءَ کي شينهن جي حوالي ڪيو، جنهن ڦاڙي ماري ڇڏيو اٿس، جيئن ڪ خداوند جو ڪلام ٿيل هو، جنهن هن کي ائين چيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن چيائين تہ ”اهو خدا جو اهو ئي ٻانهو آهي جنهن خداوند جي حڪم جي نافرماني ڪئي هئي. تنهنڪري خداوند هن کي شينهن جي حوالي ڪيو جنهن کيس چيري ڦاڙي ماري ڇڏيو، جيئن خداوند کيس چتاءُ ڏنو هو.“