1 Kings 13:4 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ اُنهيءَ خدا جي ٻانهي جو ڪلام ٻڌو، جو هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ جي برخلاف ڪيو، تڏهن يربعام قربانگاهہ تان پنهنجو هٿ ڊگهيري چوڻ لڳو تہ هن کي پڪڙيو. ۽ جيڪو هٿ هن ڊگهيريو هو سو اهڙو سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي نہ سگهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن بادشاهہ يربعام انهيءَ خدا جي ٻانهي جي اها ڳالهہ ٻڌي جيڪا هن قربانگاهہ خلاف چئي، تڏهن يربعام قربانگاهہ تان هٿ ڊگھيري حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ شخص کي پڪڙيو.“ پر جيڪو هٿ هن انهيءَ خدا جي ٻانهي ڏانهن ڊگھيريو هو سو اهڙو تہ سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نہ سگھيو.