1 Kings 13:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بادشاهہ اُنهي خدا جي ٻانهي کي ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي خير جو سوال ڪر ۽ منهنجي لاءِ اُنهيءَ کان دعا گهر تہ مون کي پنهنجو هٿ وري ملي. تڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کي سوال ڪيو ۽ بادشاهہ کي پنهنجو هٿ موٽي مليو، ۽ جهڙو اڳي هو اهڙو ئي ٿي پيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن بادشاهہ يربعام خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ”مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جو تون خاص ٻانهو آهين، تنهن کان منهنجي لاءِ دعا گھر ۽ کيس سوال ڪر تہ منهنجو هٿ وري ٺيڪ ٿي پوي.“ سو انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کان دعا گھري تہ بادشاهہ جو هٿ وري ٺيڪ ٿي ويو ۽ جهڙو اڳي هو تهڙو ئي ٿي پيو.