1 Kings 14:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل کي ائين ماريندو جيئن پاڻيءَ ۾ ڪانو لڏندو آهي؛ ۽ اسرائيل کي، هيءَ چڱي زمين جا هن سندس ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن مان پاڙون پٽي ڪڍي ڇڏيندو، ۽ اُنهن کي فرات نديءَ جي هن ڀر پکيڙي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ يسيرت بنايا آهن، ۽ خداوند کي ڪاوڙايو اٿن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند اسرائيل کي مار ڏيئي اهڙو ڪري ڇڏيندو، جيئن پاڻيءَ ۾ بيٺل ڪانو لڏندو رهندو آهي. هو اسرائيل وارن جون پاڙون هن چڱي ملڪ مان پٽي ڇڏيندو جيڪو هن سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهن کي فرات نديءَ جي هن ڀر ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هنن يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهي خداوند کي ڪاوڙايو هو.