1 Kings 14:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ رحبعام بن سليمان يهوداہ ۾ بادشاهي ڪئي. جڏهن رحبعام بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ايڪيتاليهن ورهين جو هو، ۽ يروشلم جو شهر، جو خداوند اسرائيل جي سڀني فرقن مان پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو هو، تنهن ۾ هن سترهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ اُنهي جي ماءُ جو نالو نعمہ هو، جا عمون جي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هوڏانهن رحبعام ولد سليمان يهوداہ جو بادشاهہ هو. جڏهن هو بادشاهہ ٿيو، تڏهن سندس عمر ايڪيتاليهہ سال هئي. يروشلم جو شهر جيڪو خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي شهرن مان چونڊيو هو، تنهن ۾ هن سترهن سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو نعمہ هو جا بني عمون مان هئي.