1 Kings 15:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کان پوءِ خداوند جي گهر جي خزاني ۾ جيڪو روپو ۽ سون بچيو هو سو، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا، آسا کڻي پنهنجن نوڪرن جي هٿ ۾ ڏنا: ۽ بادشاهہ آسا اُهي بن هدد، بن طبرمون، بن حزيون، ارام جي بادشاهہ کي ڏيئي ڇڏيا، جو دمشق ۾ رهندو هو ۽ چوائي موڪليائينس تہ
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هيڪل ۾ ۽ شاهي محل ۾ جيڪو سون ۽ چاندي بچيو هو، سو آسا پنهنجي عملدارن جي هٿ ارام جي بادشاهہ بنهدد، جيڪو طابرمون جو پٽ ۽ حزيون جو پوٽو هو تنهن ڏانهن دمشق شهر ۾ ڏياري موڪليو. هي نياپو پڻ موڪليائينس تہ