1 Kings 16:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ستاويهين ورهيہ ۾ زمري ترضہ ۾ ست ڏينهن بادشاهي ڪئي. هاڻي ماڻهو جبتون جي سامهون منزل ڪري لٿا پيا هئا، جو فلستين جو شهر هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال ۾، زمري ترضہ شهر ۾ رهي ست ڏينهن بادشاهي ڪئي. تن ڏينهن ۾ اسرائيل جو لشڪر فلستين جي شهر جِبتون کي گھيري هيٺ رکيو ويٺو هو.