1 Kings 18:27 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ٻن پهرن جو هيئن ٿيو تہ ايلياہ هنن تي ٺٺولي ڪري چيو تہ وڏي آواز سان سڏيوس: ڇالاءِ جو هو تہ معبود آهي؛ يا هو پنهنجي منهن پيو ڳالهائي، يا ڪنهن پاسي ويو آهي، يا ڪنهن سفر ۾ آهي، يا شايد سُتو پيو آهي، ۽ اُنهيءَ کي جاڳائڻ گهرجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن منجھند ٿي تہ الياس هنن تي ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اڃا وڏي آواز سان سڏيوس. واہ جو هو معبود آهي! شايد ڪنهن گَهري سوچ ۾ آهي، يا ڪنهن ڪم ۾ رڌل آهي، يا ڪنهن سفر تي ويو آهي، يا شايد هو سمهيو پيو هجي، سو کيس جاڳڻ گھرجي.“