1 Kings 18:36 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ شام جي قرباني چاڙهڻ وقت هيئن ٿيو تہ ايلياہ نبيءَ ويجهو اچي چيو تہ اي خداوند، ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، اڄوڪي ڏينهن ڄاڻاءِ تہ تون اسرائيل ۾ خدا آهين، ۽ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان، ۽ هي جيڪو ڪم ڪيو اٿم سو سڀ تنهنجي حڪم پٺيان آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
شام جو قرباني پيش ڪرڻ وقت الياس نبي قربانگاهہ جي ويجھو اچي دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! اي ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب جا خدا! اڄوڪي ڏينهن اهو ثابت ڪر تہ تون ئي بني اسرائيل جو خدا آهين ۽ اهو بہ تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان. مون هي جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو سڀ تنهنجي حڪم سان ڪيو اٿم.