1 Kings 19:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن چيو تہ وڃي خداوند جي اڳيان جبل تي بيهي رهہ. ۽ ڏس، خداوند اچي اُتان لنگهيو، ۽ سخت زور واري آنڌيءَ لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا، ۽ ٽڪر خداوند جي اڳيان ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيا؛ پر خداوند واءُ ۾ ڪونہ هو: ۽ واءُ کان پوءِ زلزلو آيو؛ پر خداوند اُنهيءَ زلزلي ۾ بہ نہ هو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند کيس چيو تہ ”ٻاهر نڪر ۽ جبل تي مون خداوند جي حضور ۾ هلي بيهہ. آءٌ خداوند اتان لنگھڻ وارو آهيان.“ انهيءَ ئي مهل سخت زوردار طوفان لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا ۽ ٽڪرَ ڀورا ڀورا ٿي ويا، پر خداوند طوفان ۾ ڪونہ هو. طوفان کان پوءِ زلزلو آيو، پر خداوند زلزلي ۾ بہ ڪونہ هو.