1 Kings 19:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
الياس وراڻيو تہ ”آءٌ تو خداوند ، قادرِمطلق خدا لاءِ تمام سرگرم رهيو آهيان، جڏهن تہ اسرائيل وارن تنهنجي عهد کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجيون قربان‌گاهون ڀڃي ڇڏيون اٿن ۽ تنهنجي نبين کي تلوار سان ماري ڇڏيو اٿائون. انهن نبين مان رڳو آءٌ ئي وڃي بچيو آهيان ۽ هاڻ هو مون کي بہ مارڻ پٺيان آهن.“