1 Kings 2:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هو چوڻ لڳو تہ تون ڄاڻين ٿي تہ بادشاهت منهنجي هئي، ۽ ساري اسرائيل قوم پنهنجا منهن مون ڏي ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ بادشاهي ڪريان: پر بادشاهي ڦري منهنجي ڀاءُ جي ٿي پيئي: ڇالاءِ جو اُها خداوند جي طرفان انهيءَ جي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن چيس تہ ”تون تہ ڄاڻين ٿي تہ بادشاهت منهنجي هئي. سڄي بني اسرائيل قوم مون ڏانهن پئي ڏٺو تہ آءٌ بادشاهي ڪريان. پر معاملو ڦري ويو ۽ بادشاهت منهنجي ڀاءُ جي ٿي پيئي، ڇاڪاڻ تہ اها خداوند جي طرفان کيس ملي آهي.