1 Kings 2:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري بت سبع بادشاهہ سليمان وٽ ادونياہ جي لاءِ ڳالهہ ڪرڻ ويئي. ۽ بادشاهہ هن جي استقبال لاءِ سندس اڳيان اُٿي بيٺو، ۽ ڪنڌ جهڪايائين، پوءِ پنهنجي تخت تي ويٺو، ۽ بادشاهہ پنهنجي ماءُ جي لاءِ ٻيو هڪڙو تخت رکايو؛ ۽ هوءَ سندس سڄي هٿ پاسي ويٺي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو بتسبع بادشاهہ سليمان وٽ ادونياہ جي لاءِ ڳالهائڻ ويئي. بادشاهہ اُٿي بيهي کيس کيڪاريو ۽ سندس اڳيان ڪنڌ جھڪائي کيس تعظيم ڏنائين. پوءِ هو پنهنجي تخت تي ويهي رهيو. بادشاهہ پنهنجي ماءُ جي لاءِ هڪڙو ٻيو تخت رکايو ۽ هوءَ بادشاهہ جي ساڄي پاسي انهيءَ تي ويهي رهي.