1 Kings 2:22 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بادشاهہ سليمان پنهنجي ماءُ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تون ابي شاگ شونميت ادونياہ جي لاءِ ڇو ٿي گهرين؟ هن جي لاءِ بادشاهي بہ گهر؛ ڇالاءِ جو هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي؛ بلڪ هن جي لاءِ، ۽ ابياتر ڪاهن جي لاءِ، ۽ يوآب بن ضروياہ جي لاءِ بہ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بادشاهہ سليمان ڪاوڙ وچان پنهنجي ماءُ کي جواب ڏنو تہ ”تون ادونياہ لاءِ رڳو شونيم ڳوٺ واري اِبيشاگ ڇو ٿي گھرين؟ تون تہ هن لاءِ بادشاهي بہ گھر، آخر هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، بلڪ ابيياتر ڪاهن ۽ منهنجي پيءُ جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ يوآب لاءِ بہ ڪجھہ نہ ڪجھہ گھر.“