1 Kings 2:26 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بادشاهہ ابياتر ڪاهن کي چيو تہ تون عنتوت ڏي پنهنجين ٻنين ۾ وڃي رهہ؛ ڇالاءِ جو مرڻ جي لائق آهين: پر في الحال آءٌ توکي نہ ماريندس، ڇالاءِ جو تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند خدا جي صندوق کڻندو هئين، ۽ جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي پيئي هئي سا توتي بہ پيئي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ بادشاهہ سليمان ابيياتر ڪاهن کي چيو تہ ”تون عنتوت ڏانهن وڃي پنهنجين ٻنين ۾ رهہ. تون واجبالقتل آهين، پر فيالحال آءٌ تو کي نہ مارائيندس ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند جي صندوق کڻي هلندو هئين ۽ منهنجي پيءُ تي پيل سڀني مشڪلاتن ۾ تون برابر جو شريڪ هوندو هئين.“