1 Kings 2:42 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن بادشاهہ سمعيءَ کي سڏائي چيو تہ مون توکان خداوند جو قسم نہ کڻايو هو ڇا ۽ توکي تاڪيد سان نہ چيو هوم ڇا تہ پڪ ڄاڻج تہ جنهن ڏينهن تون ٻاهر ويندين، ۽ ڪنهن بہ پاسي نڪري گهمڻ ويندين، انهيءَ ڏينهن تون ضرور مرندين؟ ۽ تو مون کي چيو هو تہ جيڪو حڪم مون ٻڌو آهي سو چڱو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هن کي گھرائي چيائين تہ ”ڇا مون تو کان خداوند جو قسم نہ کڻايو هو ۽ تو کي چتاءُ نہ ڏنو هئم تہ پڪ ڄاڻ تہ جنهن ڏينهن تون شهر کان ڪنهن ٻئي پاسي نڪري ويندين، تنهن ڏينهن ضرور ماريو ويندين؟ تنهن وقت تو مون کي چيو هو تہ ’اها ڳالهہ چڱي آهي. آءٌ پابند رهندس.‘