1 Kings 2:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏس، توسان سمعي بن جيرا، جو بحوريم جو رهندڙ بنيميني آهي؛ انهيءَ مون تي محنايم ۾ وڃڻ واري ڏينهن سخت لعنت وڌي هئي: پر هو يردن وٽ منهنجي استقبال لاءِ لهي آيو، ۽ مون خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ آءٌ کيس ترار سان قتل نہ ڪندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻيو ياد رک تہ جيرا جو پٽ شمعي جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري شهر بحوريم جو رهاڪو آهي، تنهن محنايم شهر ڏانهن وڃڻ واري ڏينهن مون تي سخت لعنت وڌي هئي. پر پوءِ جڏهن هو اردن درياءَ وٽ منهنجي استقبال لاءِ آيو هو تڏهن مون ساڻس خداوند جو قسم کڻي کيس چيو هو تہ ’آءٌ تو کي نہ مارائيندس.‘