1 Kings 20:23 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ارام جي بادشاهہ جي نوڪرن هن کي چيو تہ هنن جو خدا ٽڪرين جو خدا آهي؛ تنهنڪري هو اسان کان ڏاڍا ٿيا: پر هاڻ هلو تہ پاڻ ميدان ۾ هنن سان وڙهون، ۽ يقين آهي تہ اسين هنن کان ڏاڍا ٿينداسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ارام جي بادشاهہ بنهدد کي سندس عملدارن چيو تہ ”اسرائيل وارن جا معبود جابلو علائقن جا ديوتا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هو اسان کان ڏاڍا ٿيا. پر جيڪڏهن اسين هنن سان ميداني علائقن ۾ وڙهون تہ يقيناً هن دفعي اسان هنن کان ڏاڍا ٿينداسين.