1 Kings 20:28 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هڪڙي خدا جي مرد ويجهو اچي اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، ڇالاءِ جو ارامين چيو آهي، تہ خداوند ٽڪرين جو خدا آهي، پر هو وادين جو خدا نہ آهي؛ تنهنڪري هي سارو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هڪڙو خدا جو ٻانهو اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن تہ ارامي سوچين ٿا تہ آءٌ خداوند جبلن جو ديوتا آهيان نہ ميدانن جو، تنهنڪري هيڏو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“