1 Kings 20:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر سندس نوڪرن چيس تہ هاڻي ڏس، اسان ٻڌو آهي تہ اسرائيل جي گهراڻي جا بادشاهہ رحم وارا بادشاهہ هوندا آهن: اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ تہ پنهنجن چيلهين تي کٿا ويڙهيون، ۽ پنهنجن مٿن تي رسا ٻَڌون، ۽ پوءِ نڪري اسرائيل جي بادشاهہ وٽ وڃون: شايد هو توکي جيئرو ڇڏي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بن‌هدد جا عملدار وٽس ويا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان ٻڌو آهي تہ اسرائيل جا بادشاهہ رحمدل هوندا آهن. سو اسان کي موڪل ڏيو تہ اسين پنهنجن چيلهِن تي کٿا ويڙهي ۽ پنهنجين ڳچين ۾ ڳارا وجھي اسرائيل جي بادشاهہ وٽ وڃون. ٿي سگھي ٿو تہ هو اوهان کي جيئدان ڏئي.“