1 Kings 20:33 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي اُهي ماڻهو ڌيان ڏيئي منتظر ٿي بيهي رهيا تہ معلوم ڪن تہ سچ پچ اها سندس دل جي خواهش آهي يا نہ: ۽ هنن چيو تہ تنهنجو ڀاءُ بن هدد. تڏهن هن چيو تہ وڃي انهيءَ کي وٺي اچو. تڏهن بن هدد وٽس نڪري آيو؛ ۽ هن انهيءَ کي رٿ ۾ چاڙهائي آندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ هو نهايت ڌيان ڏيئي رهيا هئا تہ بادشاهہ جي نيت معلوم ڪري وٺن، سو سندس ڳالهہ ٻڌندي ئي هڪدم ورجايائون تہ ”هائو، بنهدد اوهان جو ڀاءُ آهي.“ پوءِ بادشاهہ اخياب کين چيو تہ ”وڃو ۽ انهيءَ کي وٺي اچو.“ جڏهن بنهدد وٽس آيو تڏهن اخياب کيس پاڻ سان پنهنجي گھوڙي گاڏيءَ ۾ چاڙهي ويهاريو.