1 Kings 20:34 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ بن هدد هن کي چيو، تہ جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان ورتا هئا سي آءٌ موٽائي ڏيندس؛ ۽ تون پنهنجي لاءِ دمشق ۾ اهڙيون گهٽيون جوڙائج جهڙيون منهنجي پيءُ سامريہ ۾ جوڙايون هيون. ۽ اخي آب چيو تہ آءٌ توکي اُنهي انجام سان وڃڻ ڏيندس. ان موجب هن اُنهيءَ سان عهد اقرار ڪيو ۽ هن کي وڃڻ ڏنائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بن‌هدد اخي‌اب کي چيو تہ ”جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان کسيا هئا سي آءٌ اوهان کي موٽائي ڏيندس ۽ پوءِ توهين ڀلي دمشق شهر ۾ واپار لاءِ بازاريون ٺهرايو جيئن منهنجي پيءُ سامريہ شهر ۾ ٺهرايون هيون.“ تڏهن اخي‌اب کيس چيو تہ ”انهن شرطن تي آءٌ تو کي ڇڏي ڏيندس.“ سو بن‌هدد اخي‌اب سان اهو معاهدو ڪيو، پوءِ اخي‌اب کيس موڪل ڏني.