1 Kings 21:20 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اخياب الياس کي ڏٺو تڏهن کيس چيائين تہ ”اي منهنجا دشمن! تو مون کي هتي بہ اچي ڳولي لڌو؟“ الياس کيس وراڻيو تہ ”هائو، مون تو کي ڳولي لڌو آهي. تو پاڻ مڪمل طرح اهو ئي ڪم ڪيو آهي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.