1 Kings 22:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪو قاصد ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو تنهن هن کي چيو تہ هاڻي ڏس، سڀني نبين هڪ زبان ٿي بادشاهہ جي نسبت ۾ چڱيون ڳالهيون ڪيون آهن: آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ تون بہ اُنهن مان هڪڙي وانگر ڪلام ڪر ۽ خوشخبري ڏي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هوڏانهن جيڪو عملدار ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو، تنهن وڃي ميڪاياہ کي چيو تہ ”ڏس، سڀيئي نبي يڪ زبان ٿي بادشاهہ کي ڪاميابيءَ جي خوشخبري ٿا ڏين، سو ڀلائي ڪري تون بہ انهن جهڙي ڳالهہ ڪج ۽ بادشاهہ کي فتح جي خوشخبري ڏج.“