1 Kings 22:34 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اوچتو هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجي ڪمان ڪشي اسرائيل جي بادشاهہ کي زرهہ جي سنڌن جي وچ ۾ تير هنيو: جنهن تي هن پنهنجي رٿ هڪلڻ واري کي چيو تہ پنهنجو رٿ لشڪر مان ڪڍي ٻاهر ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“