1 Kings 3:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سليمان جاڳيو، ۽ ڏٺائين تہ اهو هڪڙو خواب آهي: ۽ هو يروشلم ۾ آيو ۽ خداوند جي عهدنامي واري صندوق جي اڳيان بيٺو، ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائين، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن جي مهماني ڪيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ سليمان جاڳيو ۽ محسوس ڪيائين تہ خداوند اهو سڀ ڪجھہ ساڻس خواب ۾ ڪيو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو ۽ اچي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي سڀني عملدارن جي دعوت ڪئي.