1 Kings 5:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري هاڻي حڪم جاري ڪر تہ لبنان مان منهنجي لاءِ ديودار جا وڻ وڍيا وڃن، ۽ منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان همراهہ ٿيندا؛ ۽ آءٌ تنهنجن نوڪرن جو اُجورو، جيترو تون چوندين اوترو ڏيندس: ڇالاءِ جو توکي خبر آهي تہ اسان ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ صيدونين جهڙو هجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هاڻي حڪم جاري ڪر تہ منهنجي لاءِ لبنان جي علائقي ۾ ديال جا وڻ وڍيا وڃن. منهنجا مزدور تنهنجي مزدورن سان همراهي ڪرائيندا ۽ آءٌ تنهنجي مزدورن جي تو کي اوتري ئي اجرت ڏيندس جيتري تون مقرر ڪندين. تو کي تہ خبر آهي تہ اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ اوهان صيدانين جهڙو هجي.“