1 Kings 5:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
منهنجا نوڪر، اُهي لبنان کان هيٺ سمنڊ تائين آڻيندا: ۽ آءٌ انهن کي ڳنڍي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ آڻيندس جو تون مقرر ڪندين، ۽ پوءِ آءٌ اُهي توکي کولائي ڏيندس ۽ تون انهن کي وٺج: ۽ تون منهنجي گهر جي لاءِ کاڌو موجود ڪري منهنجي مرضي پوري ڪج.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
منهنجا مزدور اهو ڪاٺ لبنان کان سمنڊ تائين آڻيندا ۽ هو انهن کي پاڻ ۾ ٻڌي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ تائين لوڙهي آڻيندا، جيڪو هنڌ تون مقرر ڪندين. اتي هو انهن کي کولي رکندا ۽ پوءِ تون اتان کڻائي وڃج. باقي تون ان جي عيوض منهنجي محل جي لاءِ گھربل سيڌو سامان موڪلي ڏج.“