1 Kings 6:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ الهامگاهہ جي اندر جيڪا جاءِ ٿي آئي سا ويهہ هٿ ڊگهي، ۽ ويهہ هٿ ويڪري، ۽ ويهہ هٿ اوچي هئي؛ ۽ هن انهيءَ تي نج سون لڳايو: ۽ قربانگاهہ کي ديودار جي ڪاٺ سان ڍڪي ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سڄي هيڪل کي اندران نج سون سان ڍڪيو ويو ۽ مقدس ترين جاءِ جي اڳيان سون جا زنجير ٻڌا ويا. اها مقدس ترين جاءِ اندران نوَ ميٽر ڊگھي، نوَ ميٽر ويڪري ۽ نوَ ميٽر اوچي هئي. انهيءَ تي بہ اندران نج سون چڙهايو ويو. مقدس ترين جاءِ جي اڳيان لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ کي ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيو ويو ۽ مٿس بہ سون چاڙهيو ويو.