1 Kings 7:51 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ جيڪو ڪم سليمان ڪرايو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اُهي شيون کڻي آيو جي سندس پيءُ دائود مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ باسڻ، اُهي هن خداوند جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙيءَ طرح خداوند جي هيڪل لاءِ جنهن ڪم جو سليمان بادشاهہ حڪم ڏنو هو سو پورو ٿيو. پوءِ سليمان اُهي شيون کڻائي آيو جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. اُهي هن خداوند جي هيڪل جي گدامن ۾ آڻي رکايا.