1 Kings 8:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪر: جو چيو اٿيئي تہ منهنجي نظر هيٺ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي؛ بشرطيڪ تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري منهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح هلندو جهڙيءَ طرح تون منهنجي اڳيان هليو آهين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي اي خداوند ، بني اسرائيل جا خدا! تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو ٻيو واعدو ڪيو هو سو بہ پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ ’تنهنجي واسطي منهنجي حضور ۾ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ هرگز تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي بشرطيڪ هو سڌيءَ راهہ تي هلندي منهنجي اهڙي ئي فرمانبرداري ڪري جهڙي تون ڪندو رهيو آهين.‘