1 Kings 8:36 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، جو تون انهيءَ وقت هنن کي سيکارين ٿو تہ ڪيئن چڱي رستي تي هلن؛ ۽ جيڪا زمين تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏني آهي تنهن تي مينهن موڪلج.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ تون عرش عظيم ۾ انهن جي ٻڌج. تون پنهنجي ٻانهن يعني بني اسرائيل قوم جو گناهہ معاف ڪج. تون کين سڌي راهہ تي هلڻ سيکارج ۽ جيڪو ملڪ تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏنو آهي تنهن تي مينهن وسائج.