1 Kings 8:39 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ تون پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ اُهو ٻڌج، ۽ معافي ڏج، ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس سڀني رستن موجب بدلو ڏج، جو توکي اُنهن جي دل جي خبر آهي؛ (ڇالاءِ جو فقط تون ئي ساري بني آدم جي دلين کي ڄاڻين ٿو؛)
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ تون پنهنجي عرش عظيم مان ٻڌج ۽ سندن گناهہ معاف ڪج. تون ئي آهين جيڪو دلين جا راز ڄاڻين ٿو. سو تون ماڻهوءَ جي دل کي ڄاڻيندي جيڪو جهڙي هلت هلي تنهن سان تهڙيءَ طرح هلج،