1 Kings 8:43 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن تون پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ ٻڌج، ۽ جيئن هو پرديسي توکي سڏي عرض ڪري تيئن تون ڪج؛ تہ زمين جون سڀ قومون تنهنجو نالو سڃاڻن، ۽ توکان ڊڄن، جهڙيءَ طرح تنهنجي قوم اسرائيل ٿي ڪري، ۽ هو ڄاڻن تہ هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي، سو تنهنجي نالي سان سڏبو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم مان هن جي ٻڌج. اهو ماڻهو تو کي جهڙو عرض ڪري سو سندس پورو ڪج، تہ جيئن ڌرتيءَ جون سڀ قومون تنهنجي قوم بني اسرائيل وانگر تو کي سڃاڻن ۽ تنهنجو خوف رکن. پوءِ انهن کي خبر پوندي تہ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي سو تنهنجي ئي نالي آهي.