1 Kings 9:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
مصر جي بادشاهہ فرعون چڙهي وڃي جزر ورتو هو، ۽ انهيءَ کي باهہ سان ساڙي، جيڪي ڪنعاني انهيءَ شهر ۾ هئا تن کي قتل ڪيائين، ۽ پوءِ اُهو پنهنجي ڌيءَ سليمان جي زال کي ڏاج ۾ ڏيئي ڇڏيو هئائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان اڳ مصر جي بادشاهہ فرعون جزر تي ڪاهہ ڪري قبضو ڪيو هو. هن انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙائي اتان جي رهاڪن کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ اهو شهر پنهنجي ڌيءَ سليمان جي زال کي ڏاج ۾ ڏيئي ڇڏيو هئائين.