1 Kings 9:25 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سال ۾ ٽي ڀيرا سليمان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون اُنهيءَ قربانگاهہ تي چاڙهيندو هو، جا هن خداوند جي لاءِ جوڙائي، ۽ اُنهن سان گڏ قربانگاهہ تي لوبان بہ ساڙيندو هو، جا خداوند جي اڳيان هئي. انهيءَ طرح هن اُهو گهر اڏائي پورو ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سليمان سال ۾ ٽي دفعا ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون انهيءَ قربان‌گاهہ تي پيش ڪندو هو جيڪا هن خداوند لاءِ ٺهرائي هئي. انهن کان علاوہ هو خداوند لاءِ لوبان بہ ساڙيندو هو. اهڙيءَ طرح هن هيڪل جا فرض پورا ڪيا.