1 Kings 9:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خداوند هن کي چيو تہ جيڪا دعا تو منهنجي اڳيان گهري، ۽ جيڪو سوال تو ڪيو آهي سو مون ٻڌو آهي: هيءُ گهر جو تو انهيءَ لاءِ جوڙايو آهي تہ منهنجو نالو هميشہ تائين اُتي رهي، تنهن کي مون پاڪ ڪيو آهي؛ ۽ منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين اتي رهندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند کيس چيو تہ ”جيڪا دعا ۽ منٿ تو منهنجي حضور ۾ ڪئي آهي سا مون ٻڌي آهي. هيءَ هيڪل جيڪا تو هميشہ جي لاءِ منهنجي نالي تي جوڙائي آهي تنهن کي مون پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي. منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين ان تي لڳا رهندا.