1 Peter 1:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهن نبين، جن انهيءَ فضل جي نبوت ڪئي جو اوهان تي ٿيڻ وارو هو، انهيءَ نجات جي تلاش ۽ تحقيقات ڪئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ نبين بہ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ پيشنگوئي ڪري انھيءَ فضل جو ذڪر ڪيائون، جيڪو اوھان تي ٿيڻ وارو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور جي سنديش ڏيندڙ سنتن انهيءَ ئي مڪتيءَ جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايائون، جيڪا ايشور هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
نبين انهيءَ ئي ڇوٽڪاري جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ فضل بابت ٻڌايائون، جيڪو خدا هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي.