1 Peter 1:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ مٿن هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ هنن، اهي ڳالهيون پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي خدمت لاءِ ٿي ڪيون، جن جي خبر هاڻي اوهان کي انهن جي معرفت ملي، جن انهي پاڪ روح جي وسيلي، جو آسمان مان موڪليو ويو هو، اوهان کي خوشخبري ٻُڌائي، ۽ ملائڪ بہ انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن سنتن تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن سنديش ڏيندڙن جي معرفت ملي، جن آڪاش مان موڪليل پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو دوت بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.