1 Peter 1:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور پتا پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين يسوع مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پوِتر ڪيا وڃو. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي وڌندي رهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.